سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پمز اسپتال اسلام آباد ۾ باهه لڳڻ واري المناڪ واقعي تي سخت صدمو پهتو آهي. اسپتال جهڙي حساس هنڌ تي باهه لڳڻ سبب قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ …

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پمز اسپتال اسلام آباد ۾ باهه لڳڻ واري المناڪ واقعي تي سخت صدمو پهتو آهي. اسپتال جهڙي حساس هنڌ تي باهه لڳڻ سبب قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهي.هن چيو ته هن افسوسناڪ سانحي ۾ معصوم نون ڄاول ٻارن جو فوت ٿيڻ دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ هو فوت ٿيلن جي وارثن سان برابر جي ڏک ۾ شريڪ آهن ۽ دعا آهي ته الله پاڪ کين هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. شرجيل انعام ميمڻ پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ مڪمل شفا لاءِ پڻ دعا ڪئي.