بدين - 26 آگسٽ (اي پي پي) پوري ملڪ جيان بدين ۾ حضور پاڪ ﷺ جي ولادت باسعات وڏي عقيدت، احترام، جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، مرڪزي جلوس ۾ هزارين عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي. بدين ۾ جشن ولادت ﷺ جي سلسلي ۾ مرڪزي ميلاد ڪميٽي جي ميزباني هيٺ شاندار ميلاد جلوس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ هزارين عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي. جلوس آغا خان ليبارٽري بدين کان مختلف …
پوري ملڪ جيان بدين ۾ حضور پاڪ ﷺ جي ولادت باسعادت وڏي عقيدت، احترام جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، مرڪزي جلوس ۾ هزارين عاشقان رسول ﷺ جي شرڪت
بدين – 26 آگسٽ (اي پي پي) پوري ملڪ جيان بدين ۾ حضور پاڪ ﷺ جي ولادت باسعات وڏي عقيدت، احترام، جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، مرڪزي جلوس ۾ هزارين عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي. بدين ۾ جشن ولادت ﷺ جي سلسلي ۾ مرڪزي ميلاد ڪميٽي جي ميزباني هيٺ شاندار ميلاد جلوس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ هزارين عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي. جلوس آغا خان ليبارٽري بدين کان مختلف مذهبي، سماجي ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن جي قيادت ۾ نڪتو، جيڪو شاهنواز چوڪ، قاضيه واهه موري، مهراڻ چوڪ ۽ الله والا چوڪ سميت مختلف رستن کان ٿيندو واپس شاهنواز چوڪ پهتو، جتي جلسي جي شڪل اختيار ڪئي. جلسي کي علامه حبيب الله نعيمي، مفتي احمد صادق بغدادي نعيمي، حاجي عزيز الله ميمڻ، حافظ محمد خان خاناڻي، مولانا محبت علي جامي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نبي ڪريم ﷺ ٻنهي جهانن لاءِ رحمت آهن، جڏهن ته ميلاد النبي ﷺ عالم اسلام لاءِ عظيم ڏينهن آهي. اڳواڻن مسلمانن کي سيرتِ رسول ﷺ تي عمل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ايماندار قيادت ۽ نظامِ مصطفى ﷺ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي ۽ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي پڻ خطاب ڪيو. بدين پوليس پاران جلوس دوران سخت حفاظتي انتظام پڻ ڪيا ويا.












