نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران پمز اسپتال اسلام آباد جي نرسري ۾ پيش ايندڙ دل ڏکوئيندڙ باهه لڳڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پمز اسپتال اسلام آباد جي نرسري ۾ پيش ايندڙ دل ڏکوئيندڙ باهه لڳڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي اربع ڏينهن جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته آئون ان دل ڏکوئيندڙ واقعي تي انتهائي ڏکويل آهيان جنهن جي نتيجي ۾ 14 نوان ڄاول …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پمز اسپتال اسلام آباد جي نرسري ۾ پيش ايندڙ دل ڏکوئيندڙ باهه لڳڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي اربع ڏينهن جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته آئون ان دل ڏکوئيندڙ واقعي تي انتهائي ڏکويل آهيان جنهن جي نتيجي ۾ 14 نوان ڄاول ٻار فوت ٿيا. هن چيو ته منهنجون دلي همدرديون سوڳوار والدين ۽ متاثر خاندانن سان گڏ آهن. نائب وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن کي وڃائڻ جي درد کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪي لفظ ڪافي نه آهن، الله تعالى ان ناقابل تصور مشڪل گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندانن کي صبر ۽ حوصلو عطا فرمائي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم جي حڪمن موجب ان افسوسناڪ واقعي جي سببن جو تعين ڪرڻ جي لاءِ فوري ۽ جامع جاچ ڪئي ويندي ته جيئن ذميوارن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي يقيني بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان جي ٻارن جي حفاظت هر حال ۾ اولين ترجيح هجڻ گهرجي.