صدر پاران پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفى ﷺ جي ولادت باسعادت تي مبارڪباد

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفى ﷺ جي ولادت باسعادت تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان جي لاءِ الله تعالى جي ان عظيم نعمت جي ياد تازي ڪري ٿو جنهن جي ذريعي انسانيت کي ايمان، هدايت، عدل، رحمت ۽ اخلاق حسنه جو ڪامل رستو عطا ٿيو. ايوان صدر جي …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفى ﷺ جي ولادت باسعادت تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان جي لاءِ الله تعالى جي ان عظيم نعمت جي ياد تازي ڪري ٿو جنهن جي ذريعي انسانيت کي ايمان، هدايت، عدل، رحمت ۽ اخلاق حسنه جو ڪامل رستو عطا ٿيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر 12 ربيع الاول 1448هه جي بابرڪت موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعالى جو تمام وڏو احسان آهي جو پنهنجي محبوب نبي آخري الزمان حضرت محمد مصطفى ﷺ کي سمورن جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو. هن چيو ته رسول اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت حقيقت ۾ عالم انسانيت جي اهڙي روشن دور جي شروعات هئي جتي جهالت جي اونداهي مان ڇوٽڪارو ۽ علم ۽ هدايت جي جي روشني نصيب ٿئي، ظلم جو تدارڪ ۽ عدل ۽ انصاف جي لازوال داستان لکي ۽ طبقاتي ورڇ جي حوصلا شڪني ڪري اخوت، برابري ۽ ڀائيچاري جو فروغ ٿيو. صدر چيو ته پاڻ ﷺ پنهنجي اسوه حسنه سان قرآن تي تي عمل پيرا ٿي انفرادي ۽ اجتماعي ڀلائي ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو اهو انقلاب برپا ڪيو جنهن جو مثال نه ٿو ملي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڻ ﷺ ثابت ڪيو ته هڪ صالح معاشري جو حصول اعلى فطري قدرن، عدل، رحم، احساس ذميواري کي اختيار ڪرڻ ۽ ارشاد باري تعالى تي عمل ڪندي تقوى ۽ پرهيزگاري جو مظاهرو ڪرڻ سان عمل ۾ اچي ٿو. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه اسان کي اهو درس ڏي ٿي ته انسانن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ خيرسگالي جي جذبن کي فروغ ڏنو وڃي، پاڻ ﷺ معاشري ۾ ڪمزور ۽ محروم، يتيم ۽ مسڪين ۽ ضرورتمند ماڻهن جي حقن جي حفاظت فرمائي ۽ پاڻ ۾ حسن سلوڪ ۽ ڀائيچاري جي تعليم ڏني. صدر چيو ته 12 ربيع الاول جي گهرج آهي ته اسان عشق رسول ﷺ جو اظهار نبي ڪريم ﷺ جي سيرت ۽ سنت مبارڪه کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي عمل ۾ اختيار ڪري سڄي دنيا جي انسانن لاءِ مثال بڻجون. هن چيو ته بحيثيت امت محمدي ﷺ اسان تي لازم آهي ته پنهنجي معاشري ۾ عدل ۽ انصاف، برداشت، بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ انساني وقار جي تحفظ جو عملي مظاهرو ڪريون. صدر چيو ته نوجوان نسل کي سيرت طيبه مان رهنمائي حاصل ڪندي علم، بلند ڪردار، محنت ۽ انسانيت جي خدمت کي پنهنجي زندگي جو مقصد بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته آئون هن خوشي ۽ برڪتن واري موقعي تي مسلمان امت خاص طور تي پاڪستان جي عوام لاءِ دعاڳو آهيان ته الله تعالى اسان کي رسول ڪريم ﷺ جي سچي محبت، پاڻ ﷺ جي اتباع ۽ پاڻ ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي، اسان جي وطن کي امن، استحڪام ۽ خوشحالي ڏي ۽ پوري انسانيت جي لاءِ خير ۽ سلامتي جو ذريعو بڻائي.