اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسلمان امت کي حضور نبي ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت جي ڏهاڙي جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته حضور ﷺ جي ذات پاڪ ايمان، علم، اخلاق ۽ عدل تي ٻڌل هڪ مڪمل ۽ مثالي ضابطه حيات جو پيغام عالم انسانيت تائين پهچايو. 12 ربيع الاول 1448هه جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾و …
وزيراعظم پاران پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسلمان امت کي حضور نبي ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت جي ڏهاڙي جي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسلمان امت کي حضور نبي ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت جي ڏهاڙي جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته حضور ﷺ جي ذات پاڪ ايمان، علم، اخلاق ۽ عدل تي ٻڌل هڪ مڪمل ۽ مثالي ضابطه حيات جو پيغام عالم انسانيت تائين پهچايو. 12 ربيع الاول 1448هه جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾و زيراعظم چيو ته هو 12 ربيع الاول 1448هه جي بابرڪت ڏينهن تي پاڪستان ۽ پوري دنيا ۾ رهندڙ مسلمان کي سيد الانبياءِ خاتم النبين حضرت محمد مصطفى ﷺ جي ولادت باسعادت تي دلي مبارڪباد ۽ عقيدت جو اظهار پيش ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حضور ﷺ جي ذات پاڪ ايمان، علم، اخلاق ۽ عدل تي ٻڌل هڪ مڪمل ۽ مثالي ضابطه حيات جو پيغام عالم انسانيت تائين پهچايو. هن چيو ته هن سال قومي سطح تي اسان ان مبارڪ ڏينهن کي “نئين نسل جو تحفظ، تعبير ۽ ڪردار سيرت النبي جي روشني” جي عنوان هيٺ ملهائي رهيا آهيون. نوجوان نسل جي بهترين ڪردارسازي جي لاءِ اسان کي سچائي، ديانت، محنت، نظم ۽ ضبط، قانون جي پاسداري ۽ احساسِ ذميواري جهڙا اسلامي شعار انهن جي تربيت ۾ شامل ڪرڻا پوندا ته جيئن اهي سيرت رسول ﷺ جي روشني سان منور ۽ علم ۽ تحقيق، محنت ۽ خدمت جي جذبن سان سرشار ٿي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته رسول الله ﷺ جي بعثت انساني معاشري کي اسلامي تعليم جي روشني ۾ هڪ نئين رخ کان متعارف ڪرايو. پاڻ ﷺ مڪه مڪرمه ۾ توحيد، تقوى ۽ اخلاقي پاڪيزگي جهڙن قدرن جي ذريعي دائمي اصلاح جو بنياد رکيو ۽ مدينه منوره ۾ عملي طور تي عدل ۽ برابري، قانون جي بالادستي، انساني حقن ۽ فرضن کان آگاهه اسلامي معاشرو قائم ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسوه حسنه ﷺ سمورن مسلمانن جي ديني ۽ دنياوي اصلاح ۽ فلاح ۽ مثالي ڪاميابي جي لاءِ مشعل راهه آهي. يقيني طور تي رسول الله ﷺ جي ذات مبارڪ دين اسلام جي تعليم جو بهترين نمونو آهي جنهن جي گواهي قرآن پاڪ ۾ موجود آهي. سيرت النبي ﷺ بني نوع انسان جي لاءِ صدين کان هر دور جي بدلجندڙ گهرجن جي باوجود ڪامل رهنمائي جو سرچشمو آهي. وزيراعظم چيو ته حضور اڪرم ﷺ انساني شعور کي اوج ڪمال بخشيو ۽ انسانن جي ذهني ۽ اخلاقي نشونما ۽ انفرادي ۽ اجتماعي زندگين جي هدايت يافته راهه متعين ڪئي. شخصي ۽ سماجي ڪردارسازي سيرت نبوي ﷺ جي پيغام جو اهم ٿنڀ آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ درپيش معاشي ۽ معاشرتي ۽ اخلاقي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي اجتماعي زندگي جو ڪامل هدايت جي تابع آڻڻو پوندو. اهو ئي اسان جي ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي. اڄ جو هي مبارڪ ڏينهن اسان کي معاشري ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي، بين المسالڪ هم آهنگي ۽ بين المذاهب احترام جي فروغ جي تاڪيد پڻ ڪري ٿو، ڇو ته گڏيل اختلاف کي دشمني ۾ تبديل ڪرڻ بدران ڳالهه ٻولهه، برداشت ۽ گڏيل احترام ئي اسوه رسول ﷺ جي سنهري اصولن موجب هڪ مضبوط ۽ پرامن معاشري جو بنياد آهي. وزيراعظم چيو ته اچو هن مبارڪ ڏينهن تي اسان اهو وچن ڪريون ته اسان سيرت طيبه کي پنهنجي ڪردار، انفرادي روين ۽ اجتماعي طرزعمل ۾ اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال، پرامن ۽ فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.










