حضور اڪرمﷺ جي سيرت طيبه انسانيت لاءِ محبت، اخوت، عدل، برداشت، رواداري ۽ سهڻن اخلاقن جو ڪامل نمونو آهي: سردار اياز صادق

 اسلام آباد- 26 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق عيد ميلادالنبيﷺ جي بابرڪت موقعي تي پوري مسلمان اُمت خاص ڪري پاڪستاني قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته حضرت محمد مصطفيٰﷺؑ جي ولادت باسعادت پوري انسانيت لاءِ رحمت جو سبب آهي، نبي ڪريمﷺ جي سيرت طيبه انسانيت لاءِ محبت، اخوت، عدل، برداشت، رواداري ۽ سهڻن اخلاقن جو ڪامل نمونو آهي. اهڙو اظهار هن عيد ميلادالنبيﷺ جي …

 اسلام آباد- 26 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق عيد ميلادالنبيﷺ جي بابرڪت موقعي تي پوري مسلمان اُمت خاص ڪري پاڪستاني قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته حضرت محمد مصطفيٰﷺؑ جي ولادت باسعادت پوري انسانيت لاءِ رحمت جو سبب آهي، نبي ڪريمﷺ جي سيرت طيبه انسانيت لاءِ محبت، اخوت، عدل، برداشت، رواداري ۽ سهڻن اخلاقن جو ڪامل نمونو آهي. اهڙو اظهار هن عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر چيو ته نبي ڪريمﷺ پنهنجي سهڻن اخلاقن ذريعي انسانيت کي امن، مساوات، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏنو. هن چيو ته عيد ميلادالنبيﷺ جو ڏينهن اسان کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي تعليمات کي اختيار ڪرڻ ۽ معاشري ۾ محبت، اخوت، گڏيل احترام ۽ روادريءَ کي هٿي ڏيڻ جي عهد جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو. اسپيڪر چيو ته نبي ڪريمﷺ سان محبت اسان جي ايمان جو لازمي حصو آهي ۽ ان محبت جي حقيقي گهر اها آهي ته اسان پنهنجي زندگين ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي تعليمات ۽ سهڻن اخلاقن جي پيروي ڪري سگهون. اسپيڪر چيو ته نبي ڪريم حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي تعليمات ڪنهن هڪ قوم، طبقي يا مذهب تائين محدوپد ناهي پر پوري انسانيت لاءِ رحمت، عدل، مساوات، راوداري ۽ احترام جو عالمگير پيغام آهي. هن چيو ته پاڻ سڳوراﷺ انسانن وچ ۾ مذهب، رنگ، نسل ۽ حيثيت جي بنياد تي فرق بدران عدل ۽ انصاف، انساني وقار ۽ حقن جي تحفظ کي بنيادي اهميت ڏني ۽ مسلمان ۽ غير مسلمان سڀني سان انصاف، حسن سلوڪ ۽ روادريءَ جو سلوڪ رکيو. اسپيڪر چيو ته عيد ميلادالنبيﷺ فقط خوشي ۽ عقيدت جي اظهار جو موقعو ناهي پر پاڻ احتسابي، نفس جي اصلاح ۽ سيرت طيبه تي عمل جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڪردار، معاملن ۽ اجتماعي رويي ۾ اسوة رسولﷺ جي اتباع ڪرڻ جي ضرورت آهي. مسلم اُمت کي درپيش چئلينجز جو مقابلو اتحاد، گڏيل احترام ۽ سهڻن اخلاقن تي عمل ڪندي ئي ممڪن آهي. هن فرقيواريت، تعصب ۽ گڏيل اختلافن کان مٿانهون ٿي مسلم اُمت ۾ اتحاد ۽ يڪجهتيءَ کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن نوجوان نسل کي سيرتِ نبويﷺ جي سونهري اصولن سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر چيو ته نبي ڪريمﷺ جي سيرت طيبه عورتن، ٻارن ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي حقن، عزت ۽ وقار ۽ تحفظ جو جامع درس ڏئي ٿو. اسپيڪر چيو ته سيرت نبويﷺ تي عمل ڪري معاشري ۾ امن، ڀائيچاري ۽ اجتماعي ڀلائيءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان پاڪستان ۽ پوري مسلم اُمت کي امن، ترقي، خوشحالي، اتحاد ۽ استحڪام ۽ پوري قوم کي سيرت نبويﷺ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائڻ جي دُعا ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه به عيد ميلادالنبيﷺ جي بابرڪت موقعي تي مسلم اُمت ۽ پاڪستاني قوم کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ چيو ته حضور اڪرمﷺ جي زندگي مبارڪ پوري انسانيت لاءِ رشد ۽ هدايت جو سرچشمو آهي. هن چيو ته نبي ڪريمﷺ عدل، مساوات، اخوت، رواداري ۽ انسانيت سان محبت جو درس ڏنو جنهن تي عمل ڪرڻ سان معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. هن چيو ته فرقيواريت ۽ نفرتن کان پاسو ڪندي اتحاد، برداشت ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان ۽ پوري مسلم اُمت کي امن، اتحاد ۽ خوشحالي عطا فرماءِ ۽ اسان کي نبي ڪريمﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي.