اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، آزاد ڄمون ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ تي چوڌري طارق فاروق ۽ ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ تي احمد رضا قادري کي مبارڪون پيش ڪيون. اڱاري ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي مبارڪن واري بيان ۾ هن چيو ته اها چونڊ انهن جي سياسي بصيرت، قائداڻي صلاحيتن ۽ ايوان جو اعتماد حاصل ڪرڻ جو مظهر آهي. اميد …
وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پاران چوڌري طارق فاروق کي اسيپڪر ۽ احمد رضا قادري کي آزاد ڪشمير اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، آزاد ڄمون ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ تي چوڌري طارق فاروق ۽ ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ تي احمد رضا قادري کي مبارڪون پيش ڪيون. اڱاري ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي مبارڪن واري بيان ۾ هن چيو ته اها چونڊ انهن جي سياسي بصيرت، قائداڻي صلاحيتن ۽ ايوان جو اعتماد حاصل ڪرڻ جو مظهر آهي. اميد آهي ته هو پنهنجون ذميواريون آئين، جمهوري قدرن ۽ عوامي مفاد کي مقدم رکندي احسن انداز ۾ نڀائيندا. الله تعاليٰ ٻنهي معزز عهديدارن کي پنهنجي فرض جي ادائيگي ۾ ڪاميابي عطا فرمائي ۽ آزاد ڪشمير جي عوام جي خدمت جي توفيق ڏئي.











