پاڪستان ريلوي ۽ ڪي پي ڪي حڪومت وچ ۾ صوبي ۾ ريلوي نظام جي بحاليءَ لاءِ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ريلوي ۽ ڪي پي ڪي حڪومت وچ ۾ صوبي ۾ ريلوي نظام جي بحالي، جديد ڪاري ۽ علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ان حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته اهو فريم ورڪ معاهدو وزيراعظم جي ويزن ۽ رهنمائيءَ تحت طئي ٿيو آهي، جنهن جو …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ريلوي ۽ ڪي پي ڪي حڪومت وچ ۾ صوبي ۾ ريلوي نظام جي بحالي، جديد ڪاري ۽ علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ان حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته اهو فريم ورڪ معاهدو وزيراعظم جي ويزن ۽ رهنمائيءَ تحت طئي ٿيو آهي، جنهن جو مقصد وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري قائم ڪري ريلوي جي نظام کي محفوظ، مؤثر ۽ جديد رُخن تي آڻڻ آهي. معاهدي تحت ڪي پي ڪي ۾ اٽڪل 240 ڪلوميٽر ڊگهي ڀرپاسي ريلوي لائنن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، جن ۾ پشاور نوشهره جهانگيره 62 ڪلوميٽر، نوشهره مرداندرگئي 65 ڪلوميٽر، نوشهره مردانچا رسده 51 ڪلوميٽر، نصيرپور چمڪني کان جمرود 30 ڪلوميٽر ۽ جمرود کان لنڊي ڪوتل سفاري ريلوي روٽ 32 ڪلوميٽر شامل آهن. ان کان علاوه پشاور ڪينٽ، پشاور سٽي، نوشهره ۽ جهانگيره ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن ڪئي ويندي جتي مسافرن کي سهولتن، صفائي ۽ سيڪيورٽي جي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو ويندو. گڏيل صلاح مشوري سان ٻيا روٽس، نئين الاٽمينٽس ۽ فنڊنگ جي متبادل ذريعن تي ڪم ڪيو ويندو. معاهدي موجب ڪوهاٽ کان سڌيءَ ريت ٿل خرلاچي تائين اٽڪل 192 ڪلوميٽر ڊگهي نئين اسٽريٽجڪ ريلوي لائن تعمير ڪئي ويندي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته خرلاچي ريلوي رابطن تحت پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن وچ ۾ علائقائي واپار، ٽرانزٽ ۽ اچ وڃ جا نوان موقعا پيدا ڪندو جنهن سان پاڪستان خطي جو اهم واپاري مرڪزي بڻجندو. وفاقي وزير ريلوي سيفٽي ۽ انساني جانين جي تحفظ کي پهرين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته پنجاب حڪومت جنهن 177بنا ڦاٽڪ ڪراسنگز کي محفوظ بنائڻ لاءِ 9.7 ارب رپيا رکيا آهن، ڪي پي ڪي به صوبي ۾ موجود 81 غير محفوظ ڪراسنگز کي محفوظ بنائڻ ۾ سهڪار ڪندي. هن چيو ته ريلوي جي 79 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق ۽ چارئي صوبا عملي طور ڀائيواريءَ تحت ريلوي انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رهيا آهن. ريلوي واري وفاقي وزير ڪي پي ڪي حڪومت ۽ وڏي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاق ۽ صوبن جو گڏيل سهڪار ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ ۽ مربوط ريلوي نيٽ ورڪ جو بنياد رکندو.