اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شرميلا فاروقي چيو آهي، ته ايم- 6 موٽر وي جي سکر- حيدرآباد سيڪشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گهربل 40 ارب روپيا ڏنا وڃن، اهو اسٽريٽجڪ منصوبو آهي، ان جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ شرميلا فاروقي اعتراض واري نقطي تي چيو ته ايم- 6 موٽر وي سکر حيدرآباد سيڪشن …
ايم-6 موٽر وي جي سکر-حيدرآباد سيڪشن جي تڪميل لاءِ گهربل 40 ارب روپيا ڏنا وڃن: شرميلا فاروقي

مزید خبریں
اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شرميلا فاروقي چيو آهي، ته ايم- 6 موٽر وي جي سکر- حيدرآباد سيڪشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گهربل 40 ارب روپيا ڏنا وڃن، اهو اسٽريٽجڪ منصوبو آهي، ان جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ شرميلا فاروقي اعتراض واري نقطي تي چيو ته ايم- 6 موٽر وي سکر حيدرآباد سيڪشن جي فنڊنگ جي فقدان تي اسان لاڳاپيل فورمز تي بار بار سوال اٿاريو ان جي مڪمل ٿيڻ لاءِ گهربل 70 ارب روپين مان 30 ارب روپيا ڏنا ويا، چيو پيو وڃي ته اسان وٽ وسيلا ناهن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڏانهن وڃو. ٻئي پاسي ان باوجود ايڪنڪ پنجاب ۾ هڪ موٽر وي جي منظوري ڏني آهي ۽ ان لاءِ 49 ارب روپيا به جاري ڪيا ويا آهن. اهو اهم نوعيت جو معاملو آهي ان کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. ايم 6 جي مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي.











