اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي صدارت هيٺ فارن ٽريڊ ونگز جو اهم اجلاس اڱاري ڏينهن منعقد ٿيو. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ پاڪستاني روانگي واپار جي حوصلا افزا اوسر تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن …
واپار واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ فارن ٽريڊ ونگز جو اجلاس، روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي صدارت هيٺ فارن ٽريڊ ونگز جو اهم اجلاس اڱاري ڏينهن منعقد ٿيو. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ پاڪستاني روانگي واپار جي حوصلا افزا اوسر تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مارڪيٽ مضبوط بي ٽو بي رابطن ۽ پرڏيهي واپاري مشنز سان رابطا وڌايا وڃن. هن چانور، ٽيڪسٽائيل، زرعي مصنوعات، فارماسيوٽيڪل، پراسيسڊ فوڊ، لائيٽ انجنيئرنگ ۽ سروسز جي لاءِ نيون مارڪيٽون تلاش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. وفاقي وزير چيو ته فارن ٽريڊ ونگز ترجيحي مصنوعات ۽ مارڪيٽ رسائي لاءِ هر ملڪ لاءِ الڳ الڳ ايڪشن پلان تيار ڪن، واپاري معاهدا پاڪستان لاءِ متوازن ۽ با معنيٰ واپاري فائدا رکندڙ هجن. هن چيو ته التوا هيٺ جوائنٽ ٽريڊ ڪميٽي ۽ جوائنٽ ورڪنگ گروپ اجلاس جلد منعقد ڪيو ويندو ۽ واپار واري وزارت، پرڏيهي وزارت، پرڏيهي ملڪ ۾ موجود مشنز ۽ ڪاروباري ادارن سان رابطا وڌيڪ موثر بڻايا وڃن.











