اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم جي ميمبر سيد امين الحق چيو آهي، ته ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي جي مرمت ۽ بحالي لاءِ فنڊز مختص ڪيا وڃن. اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ٽول ٽيڪس ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ حيدرآباد ڪراچي سپر هاءِ وي تي هلدي ٿي، ان کي موٽر وي چيو ويندو آهي …
ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي جي مرمت ۽ بحالي لاءِ فنڊز مختص ڪيا وڃن: سيد امين الحق

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم جي ميمبر سيد امين الحق چيو آهي، ته ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي جي مرمت ۽ بحالي لاءِ فنڊز مختص ڪيا وڃن. اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ٽول ٽيڪس ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ حيدرآباد ڪراچي سپر هاءِ وي تي هلدي ٿي، ان کي موٽر وي چيو ويندو آهي جڏهن ته ان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، اتي روزاني جي بنياد تي حادثن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جنهن کي صوبي به نظر انداز ڪيو آهي، ان جي مرمت ۽ بحالي لاءِ فنڊز مختص ڪيا وڃن.











