زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار ۾ جولاءِ دوران واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار ۾ جولاءِ دوران واڌ رڪارڊ ٿي آهي. قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ ۾ زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار تي 1.098 ارب ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 23 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال جولاءِ زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار ۾ جولاءِ دوران واڌ رڪارڊ ٿي آهي. قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ ۾ زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار تي 1.098 ارب ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 23 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال جولاءِ زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 894 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو، جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار ۾ ماهوار بنيادن تي 11 سيڪڙو جي اوسر ٿي، جون ۾ زرعي ۽ ڪيميائي مصنوعات جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 988 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولاءِ ۾ وڌي 1.098 ارب ڊالرز ٿي ويو. واضح رهي ته مالي سال جي شروعاتي مهيني ۾ پاڪستان جو مجموعي امپورٽ بل 6.940 ارب ڊالر ز رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 5.837 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 18.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي.