لاڙڪاڻي ۾ 12 ربيع الاول جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن: ايس ايس پي لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو- 25 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري 12 ربيع الاول جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن کي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي خصوصي سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ سمورين تقريبن ۽ ريلين بابت انچارج ڊي آءِ بي انسپيڪٽر علي بخش ڏاهاڻي …

لاڙڪاڻو- 25 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري 12 ربيع الاول جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن کي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي خصوصي سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ سمورين تقريبن ۽ ريلين بابت انچارج ڊي آءِ بي انسپيڪٽر علي بخش ڏاهاڻي کي ھڪ ھڪ لمحي جي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ پوليس نفري جي مقرري لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ 11 ربيع الاول تي درگاهه مشوري شريف ۾ منعقد ٿيندڙ وڏي اجتماع جي سيڪيورٽي لاءِ 500 پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 02 ڊي ايس پي، 06 انسپيڪٽر، 25 سب انسپيڪٽر، 45 اي ايس آءِ، 67 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 355 ڪانسٽيبلز سميت عورت پوليس اھلڪار پڻ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. لاڙڪاڻو پوليس 12 ربيع الاول جي ڏينهن مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي انتظامن لاءِ 700 پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.مرڪزي جلوس ۾ سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ 02 ڊي ايس پي، 10 انسپيڪٽر، 30 سب انسپيڪٽر، 75 اي ايس آءِ، 82 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 500 پوليس ڪانسٽيبل سان گڏ ليڊيز پوليس تي مشتمل 700 جي نفري پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي. سموري صورتحال جي نگراني (مانيٽرنگ) لاءِ سي سي ٽي وي (CCTV) رڪارڊنگ سميت خصوصي ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي.