گڏيل قومون- 25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ ۾ شهرين تي ڊرون ۽ ميزائل حملن ۾ مسلسل اضافي کي نظر ۾ رکندي فوري ۽ مڪمل جنگ بندي جو مطالبو ورجائيندي ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي سفارتڪاري طرف واپس اچن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪن. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي …
روس ۽ يوڪرين سفارتڪاري طرف واپس اچن، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪن: پاڪستان
گڏيل قومون- 25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ ۾ شهرين تي ڊرون ۽ ميزائل حملن ۾ مسلسل اضافي کي نظر ۾ رکندي فوري ۽ مڪمل جنگ بندي جو مطالبو ورجائيندي ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي سفارتڪاري طرف واپس اچن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪن. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گذريل ڏينهن يوڪرين جي بگڙجندڙ صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ بحث ڪندي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ڌرين طرفان مختلف محاذن تي حملن ۾ اضافي، انهن جي شدت ۽ پيماني تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ڇو ته ان سان متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي حياتين ۽ روزگار کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي. هن 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته خوراڪ جي فراهمي بابت اهم بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جا اطلاع به انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. اهڙن حملن سان عالمي سطح تي پهريان کان ڪمزور غذائي ۽ توانائي جي سلامتي وڌيڪ متاثر ٿئي ٿي ۽ ان جا اثر جنگي علائقي کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن تائين به پهچن ٿا. اهو اجلاس سلامتي ڪائونسل جي پنجن يورپي ميمبرن ڊينمارڪ ،فرانس، يونان، لٽويا ۽ برطانيه جي درخواست تي منعقد ٿيو. آگسٽ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي صدارت ڊينمارڪ وٽ آهي ۽ اجلاس جي صدارت ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسموسن ڪئي. پاڪستان جي نمائندي چيو ته شهرين ، انساني همدردي جي ڪارڪنن ۽ شهري بنيادي ڍانچي جو تحفظ عالمي انساني قانون تحت بنيادي ذميواري آهي ۽ ڌرين کي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته عالمي انساني قانون جي ڀڃڪڙي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ، انساني مسئلن ۾ شدت ۽ جتادار امن جي امڪانن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. پاڪستاني نمائندي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن کي پاڪستان طرفان سنجيده ۽ بامعنيٰ ڳالهين ذريعي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جا مطالبا پڻ ياد ڏياريا. هن چيو ته ان مقصد لاءِ فوجي حل جي ڪوشش ختم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته جٽادار امن جو واحد قابل عمل رستو گڏيل طور تي قابل قبول پرامن حل آهي جيڪو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن ،سمورين ڌرين جي جائز سيڪيورٽي مفادن ۽ لاڳاپيل گهڻ رخي معاهدن سان هم آهنگ هجي.












