بيجنگ- 25 آگسٽ (اي پي پي)چين جي صدر شي جن پنگ بنگلاديش جي نئين مقرر ٿيل صدر مرزا فخر الاسلام عالمگير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ چيو ته چين ۽ بنگلاديش روايتي دوست پاڙيسري ملڪ آهن. سفارتي ناتن جي قيام بعد 51 سالن دوران ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جو احترام ڪيو، برابر سلوڪ رکيو، هڪ ٻئي …
چين جي صدر پاران بنگلاديش جي هم منصب کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون
بيجنگ- 25 آگسٽ (اي پي پي)چين جي صدر شي جن پنگ بنگلاديش جي نئين مقرر ٿيل صدر مرزا فخر الاسلام عالمگير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ چيو ته چين ۽ بنگلاديش روايتي دوست پاڙيسري ملڪ آهن. سفارتي ناتن جي قيام بعد 51 سالن دوران ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جو احترام ڪيو، برابر سلوڪ رکيو، هڪ ٻئي جي مرڪزي مفادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪندا رهيا ۽ جدت حاصل ڪرڻ جي رستي تي هڪ ٻئي سان گڏ اڳتي وڌي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بدلجندڙ عالمي حالتن جي امتحان کي برداشت ڪيو آهي. چين جي صدر چيو ته هو چين – بنگلاديش لاڳاپن جي ترقي کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ بنگلاديش جو صدر مرزا فخر الاسلام عالمگير سان گڏجي ڪري ٻنهي ملڪن جي روايتي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ، بيلٽ روڊ انيشي ايٽو جي اعلى معيار سان گڏيل تعمير کي هٿي ڏيڻ، مختلف شعبن ۾ ڏي وٺ ۽ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ نئين دور ۾ گڏيل مقدار رکندڙ چين – بنگال معاشري جي تعمير کي هٿي ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهي.












