آمريڪا خودمختيار رياستن جي شراڪتدارن جي آزاداڻي چونڊن ۾ مداخلت بند ڪري : چين

بيجنگ_25 آگسٽ (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا خودمختيار رياستن جي شراڪتدارن جي آزاداڻي چونڊن ۾ مداخلت بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چئي. تازوئي ڪجهه آمريڪي اختيارين سوشل ميڊيا تي بي بنياد دعوى ڪيو ته چيني ٽيڪنالوجي ڪمپنين جي اعلى خطري واري ٽيڪنالوجي ذريعي جاسوسي ، سائبر حملن ۽ نيٽ ورڪ جي بندش جا خطرا لاحق …

بيجنگ_25 آگسٽ (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا خودمختيار رياستن جي شراڪتدارن جي آزاداڻي چونڊن ۾ مداخلت بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چئي. تازوئي ڪجهه آمريڪي اختيارين سوشل ميڊيا تي بي بنياد دعوى ڪيو ته چيني ٽيڪنالوجي ڪمپنين جي اعلى خطري واري ٽيڪنالوجي ذريعي جاسوسي ، سائبر حملن ۽ نيٽ ورڪ جي بندش جا خطرا لاحق آهن. اولهه اڌ آمريڪي شراڪتدارن تي زور ڏنو آهي ته هو فوري طورتي قابل اعتماد سپلائزرن جي چونڊ ڪن. ان حوالي سان چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته آمريڪي اختيارين جا اهي بيان هٿ ٺوڪيا آهن. حقيقيتن کي ٽوڙي موروڙي پيش ڪن ٿا. ۽ ٽيڪنيڪي غنڊا گردي ۽ هڪ طرفه جبر تي ٻڌل آهن. چين اهڙن بيانن جي شديد مخالفت ڪري ٿو. ٿتجمان چيو ته چين آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته هو سياسي جوڙ توڙ بند ڪري. خود مختيار رياستن جي پنهنجي شراڪتدارن جي آزاداڻي چونڊن ۾، مداخلت کان پاسو ڪري ۽ وڌيڪ اهڙا عملي قدم کڻي جيڪي لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطي جي خوشحالي لاءِ سازگار هجن.