انقره- 25 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي 57 ميمبر ملڪن ڏانهن جنوري کان جولاءِ دوران ترڪيه جو روانگي واپار 41.5 بلين ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جيڪو گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 345.7 ملين ڊالرز وڌيڪ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه جي واپار واري وزارت مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان مدي ۾ ترڪيه ۽ او آءِ سي ملڪن وچ ۾ مجموعي طور ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 2.2 سيڪڙو جي واڌ سان 69.2 بلين ڊالرز ٿي ويو جيڪو …
او آءِ سي ملڪن ڏانهن ترڪيه جو روانگي واپار ستن مهينن ۾ 41.5 بلين ڊالرن تائين پهچي ويو
انقره- 25 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي 57 ميمبر ملڪن ڏانهن جنوري کان جولاءِ دوران ترڪيه جو روانگي واپار 41.5 بلين ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جيڪو گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 345.7 ملين ڊالرز وڌيڪ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه جي واپار واري وزارت مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان مدي ۾ ترڪيه ۽ او آءِ سي ملڪن وچ ۾ مجموعي طور ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 2.2 سيڪڙو جي واڌ سان 69.2 بلين ڊالرز ٿي ويو جيڪو ترڪيه ۽ اسلامي دنيا وچ ۾ وڌندڙ واپاري رابطي جي عڪاسي ڪري ٿو. واپار واري وزارت ان اڳڀرائي جو سبب او آءِ سي ميمبر ملڪن سان روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي لڳاتار عمل در آمد کي قرار ڏنو آهي. اها حڪمت عملي سال 28-2026 ع تائين 30 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.












