پورٽ اوپرنس- 25 آگسٽ (اي پي پي) ڪيريبين ملڪ هيٽي جي گادي واري هنڌ پورٽ او پرنس ويجهو علائقائي ڪينسڪوف ۾ گينگ حملي ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هٿيار بند اتحاد ويو آنسانم سان وابسته گينگ گذريل صبح جو علائقي ۾ داخل ٿي ڪيترن ئي گهرن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي باهه لڳائي ڇڏي. هيٽي جي حڪومت پنهنجي بيان ۾ حملي جي مذمت ڪندي متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. حڪومت ان معاملي تي ڪو سمجهوتو …
هيٽي گينگ حملي ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا
پورٽ اوپرنس- 25 آگسٽ (اي پي پي) ڪيريبين ملڪ هيٽي جي گادي واري هنڌ پورٽ او پرنس ويجهو علائقائي ڪينسڪوف ۾ گينگ حملي ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هٿيار بند اتحاد ويو آنسانم سان وابسته گينگ گذريل صبح جو علائقي ۾ داخل ٿي ڪيترن ئي گهرن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي باهه لڳائي ڇڏي. هيٽي جي حڪومت پنهنجي بيان ۾ حملي جي مذمت ڪندي متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. حڪومت ان معاملي تي ڪو سمجهوتو نه ڪندي ۽ هيٽي کي ڏوهارين جي حوالي نه ڪيو ويندو.












