اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاسڪو جي ڪڻڪ جا سمورا ذخيرا وصول ڪندڙ ادارن کي 85 سيڪڙو مقامي ۽ 15 سيڪڙو درآمدي ڪڻڪ جي تناسب سان فراهم ڪرڻ جي تجويز بابت سمريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ڪيترن ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. اي سي سي جو اجلاس سومر ڏينهن ناڻي واري …
اي سي سي پاسڪو جي ڪڻڪ جي ذخيرن کي 85 سيڪڙو مقامي ۽ 15 سيڪڙو درآمدي ڪڻڪ جي تناسب سان فراهم ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاسڪو جي ڪڻڪ جا سمورا ذخيرا وصول ڪندڙ ادارن کي 85 سيڪڙو مقامي ۽ 15 سيڪڙو درآمدي ڪڻڪ جي تناسب سان فراهم ڪرڻ جي تجويز بابت سمريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ڪيترن ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. اي سي سي جو اجلاس سومر ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن بابت نَو ايجنڊا ايٽمز تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري ڊويزن طرفان پاسڪو جي ڪڻڪ جا ذخيرا سمورن وصول ڪندڙ ادارن کي 85 سيڪڙو مقامي ۽ 15 سيڪڙو درآمدي ڪڻڪ جي تناسب سان فراهم ڪرڻ جي تجويز بابت سمريءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. هي تجويز پاسڪو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي سفارش جي بنياد تي پيش ڪئي وئي ته جيئن درآمدي ڪڻڪ جي ذخيرن کي وقت سر ٺڪاڻي لڳائڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان ڪسٽمز بانڊڊ اسٽوريج سهولتن ذريعي پرڏيهي سپلائرز جي کاتي تي پيٽروليم شين جي درآمد جي اجازت ڏيڻ جي تجويز بابت سمري جو جائزو ورتو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. ان تجويز جو مقصد ملڪ جي تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ توانائيءَ جي تحفظ جي نظام جي اهم ٿنڀن کي ترقي ڏيڻ ۽ ان کي مضبوط بنائڻ آهي، جن ۾ مقامي وسيلن کي هٿي وٺرائڻ، اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي جوڙجڪ ۽ ڪسٽمز بانڊڊ اسٽوريج سهولتن کي هٿي ڏيڻ شامل آهي ته جيئن پيٽروليم شين جي فراهمي جو هڪ مضبوط ۽ پائيدار نظام يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان پاڪستان حڪومت ۽ سلطنت عمان وچ ۾ پهرين کان طئي ٿيل بين الحڪومتي معاهدي تحت سيل پرچيز ايگريمينٽ جي منظوريءَ جي تجويز بابت سمريءَ جي منظوري ڏني وئي، ان معاهدي جو مقصد توانائيءَ جي شعبي ۾ او ڪيو ٽريڊنگ ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ ان کي وڌائڻ آهي. اجلاس ۾ بچاءُ واري وزارت طرفان پيش ڪيل سمريءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ يونين سان مشاورت ۽ رابطي ذريعي روز ويلٽ هوٽل کي نئين سر ترقي جي قابل بڻائڻ لاءِ ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ ڪميٽيءَ جي قيام جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي بچاءُ واري وزارت طرفان پيش ڪيل هڪ ٻي سمري تي غور ڪيو ۽ پي آءِ اي آءِ ايل ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان وچ ۾ طئي ٿيل ٽرم شيٽ جي بنياد تي 153.855 ملين آمريڪي ڊالر يا ان جي برابر پاڪستاني رپين جي پاڪستان حڪومت جي ضمانت جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ پاڻي وسيلن واري ڊويزن طرفان گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم (ڪي فور) منصوبي لاءِ پيش ڪيل 7797.160 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. اها رقم سنڌ حڪومت طرفان صوبائي ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ کان وفاقي ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ ذريعي منتقل ڪئي وئي هئي. اجلاس ۾ گهرو ۽ منشيات جي خاتمي واري ڊويزن طرفان 567.032 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. اها رقم ناڻي واري وزارت جي بچتن مان فرنٽيئر ڪور بلوچستان کي ريڪوڊڪ منصوبي جي سرگرمين جي بنا رڪاوٽ سيڪيورٽيءَ لاءِ فراهم ڪئي ويندي.











