قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- بنگلاديش لاڳاپ، قانوني سڌارا ۽ انصاف واري نظام جي ڊجيٽلائزيشن سميت گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪ- بنگلاديش لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻه طرفن رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- بنگلاديش لاڳاپ، قانوني سڌارا ۽ انصاف واري نظام جي ڊجيٽلائزيشن سميت گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪ- بنگلاديش لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻه طرفن رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چيو ته قانون ۽ انصاف سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سهڪار جا وسيع امڪان موجود آهن. پاڪستان قانوني سڌارن ۽ انصاف جي نظام جي ڊجيٽلائزيشن ۾ بنگلاديش سان پنهنجا تجربا ونڊڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته قانوني سڌارن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽلائزيشن جي شعبن ۾ گڏيل تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته قانوني ۽ عدالتي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هاءِ ڪمشنر بنگلاديشي ججن جي آءِ ايم اي سي ۾ تربيت تي پاڪستان جو ٿورو مڃيو ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ٽياڪڙي ۽ مصالحتي پروگرامز کي ساراهيو. هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي ٽياڪڙي ۽ مصالحتي نظام جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۾ بنگلاديش جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪندي ان شعبي م وڌيڪ تعاون جي خواهش ظاهر ڪئي. ملاقات ۾ قانوني سڌارن، ڊجيٽلائزيشن ۽ ٽياڪڙي ۽ مصالحتي نظام ۾ تعاون جي وڌيڪ موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عوامي ۽ اداره جاتي رابطن ۾ واڌ پاڪ- بنگلاديش لاڳاپن لاءِ سٺو سنوڻ آهي ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں