پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي پرڏيهه ملڪ منتقلي ۾ جولاءِ دوران اضافو، ڳاڻيٽو 261.4 ملين ڊالر رهيو: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي پرڏيهه ملڪ منتقلي ۾ مالي سال جي شروعاتي مهيني ۾ ساليانو بنياد تي 7.1 سيڪڙو ۽ ماهوار بنياد تي 72.6 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جولاءِ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪمپينن ملڪ ۾ سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي مدي ۾ 261.4 ملين ڊالر پرڏيهه ملڪ منتقل ڪيا، جيڪي گذريل سال جولاءِ جي …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي پرڏيهه ملڪ منتقلي ۾ مالي سال جي شروعاتي مهيني ۾ ساليانو بنياد تي 7.1 سيڪڙو ۽ ماهوار بنياد تي 72.6 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جولاءِ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪمپينن ملڪ ۾ سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي مدي ۾ 261.4 ملين ڊالر پرڏيهه ملڪ منتقل ڪيا، جيڪي گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 7.1 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل سال جولاءِ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪمپينن سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي مدي ۾ 244 ملين ڊالر پرڏيهه ملڪ منتقل ڪيا هئا. جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي پرڏيهه ملڪ منتقلي ۾ ساليانو بنياد تي 72.6 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں