اسلام آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل ارسينيو ڊومنگيز سان ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آءِ ايم او سان پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ محفوظ ۽ موثر عالمي سامونڊي جهاز راني جي لاءِ مرڪزي عالمي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي لنڊن ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل ارسينيو ڊومنگيز سان ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آءِ ايم او سان پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ محفوظ ۽ موثر عالمي سامونڊي جهاز راني جي لاءِ مرڪزي عالمي ضابطن واري اداري جي حيثيت سان آءِ ايم او جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايم ٽي آنر 25 تي يرغمال بڻايل 10 پاڪستاني سامونڊي ڪارڪنن جي حفاظت سان آزادي جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ سيڪريٽري جنرل جي حمايت تي سندس ٿورا ادا ڪيا. هن سمورن سامونڊي ڪارڪنن جي جلد وطن واپسي جي لاءِ فوري ۽ موثر اداراجاتي مداخلت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سامونڊي معاملن جي حڪمراني کي مضبوط بڻائڻ، عالمي سامونڊي معيارن تي عملدرآمد ۽ پاڪستان جي بليو اڪانومي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سامونڊي سلامتي ۽ تحفظ، ضابطاجاتي سڌارن ۽ پاڪستان جي سامونڊي شعبي جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم او جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.









