ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران معمولي گهٽتائي ٿي: قومي شماريات ادارو

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران معمولي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. قومي شماريات اداري مطابق 20 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ مختلف علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1565 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.30 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ملڪ جي اترئين شهرن ۾ سيمينٽ …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران معمولي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. قومي شماريات اداري مطابق 20 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ مختلف علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1565 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.30 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ملڪ جي اترئين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1569 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 20 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري رٽيل قيمت 1547 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي 1547 رپيا هئي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي رٽيل قيمت 1532، راولپنڊي 1535، سيالڪوٽ ۾ 1570، لاهور ۾ 1590، فيصل آباد ۾ 1550، پشاور ۾ 1573 رپيا ۽ بنون ۾ 1510 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي طرح 20 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي دوران ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري قيمت 1518، سکر 1600، لاڙڪاڻو 1523، ڪوئيٽا 1520 ۽ خضدار ۾ 1650 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں