پشاور- 24 آگسٽ (اي پي پي) بنون جي سٽي ٿاڻي جي حد منڊان گيٽ ويجهو اڻڄاتل دهشتگردن پاران بارودي مواد سان ڀريل موٽر سائيڪل شهر ۾ داخل ڪرڻ جي اطلاعن تي سٽي ٿاڻي جي پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ فوري ڪارروائي ڪندي موقعي تي پهچي شڪي موٽر سائيڪل کي قبضي ۾ ورتو. بنون پوليس ترجمان موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ پيشيواراڻي مهارت ۽ انتهائي احتياط سان موٽر سائيڪل ۾ لڳل ديسي …
بنون پوليس جي وقت سر ڪارروائي، دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام
پشاور- 24 آگسٽ (اي پي پي) بنون جي سٽي ٿاڻي جي حد منڊان گيٽ ويجهو اڻڄاتل دهشتگردن پاران بارودي مواد سان ڀريل موٽر سائيڪل شهر ۾ داخل ڪرڻ جي اطلاعن تي سٽي ٿاڻي جي پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ فوري ڪارروائي ڪندي موقعي تي پهچي شڪي موٽر سائيڪل کي قبضي ۾ ورتو. بنون پوليس ترجمان موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ پيشيواراڻي مهارت ۽ انتهائي احتياط سان موٽر سائيڪل ۾ لڳل ديسي ريموٽ ڪنٽرول آءِ اِي ڊي کي ڪاميابي سان ناڪارا بڻائي ڇڏيو. شروعاتي طور تي آءِ اي ڊي ۾ اٽڪل 7 کان 8 ڪلوگرام بارودي مواد موجود هئڻ جو انڪشاف ٿيو، جنهن کي وقت سر ڪارروائي ذريعي ناڪارا بڻائي شهر کي امڪاني وڏي جاني ۽ مالي نقصان کان محفوظ رکيو ويو. ڊي پي او بنون ڪيپٽن (ر) محمد فرقان بلال بي ڊي ايس ٽيم ۽ سٽي پوليس ٿاڻي جي وقت سر، موثر ۽ پيشيواراڻي ڪارروائي جي تعريف ڪندي چيو ته پوليس جي جوانن فرض شناسي ۽ پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي دهشتگردي جي وڏي منصوبي کي ناڪام بڻايو. بنون پوليس عوام جي جان












