ولنگٽن - 24 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن چيو آهي، ته سندس پارٽي پارليامينٽ ۾ هڪ بل پيش ڪندي جنهن تحت 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لڳائڻ جي تجويز آهي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي سندن عالمي آمدني جي 10 سيڪڙو تائين ڏنڊ لڳائي سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن سومر ڏينهن …
حڪومت 16 سال کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي جو بل پيش ڪندي: نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جو اعلان
ولنگٽن – 24 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن چيو آهي، ته سندس پارٽي پارليامينٽ ۾ هڪ بل پيش ڪندي جنهن تحت 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لڳائڻ جي تجويز آهي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي سندن عالمي آمدني جي 10 سيڪڙو تائين ڏنڊ لڳائي سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته تجويز ڪيل قانون تحت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي صارفين جي عمر جي تصديق لاءِ مناسب قدم کڻڻا پوندا. ان مقصد لاءِ موجوده اڪائونٽ جي معلومات، چهري جي سڃاڻپ جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل سڃاڻپ دستاويز استعمال ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته نيوزيلينڊ جي هڪ پوري نسل جي ٻارن کي پهچندڙ نقصان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هر ٻار کي سوشل ميڊيا کان پري رکڻ ناممڪن نه هوندو ۽ ڪجهه ٻار پابندي کان بچڻ جا طريقا ڳولهي وٺندا پر اهو مسئلو ايترو اهم آهي جو گهٽ ۾ گهٽ ان جي ڪوشش ضرور ڪرڻ گهرجي.












