يورپي يونين يوڪرين جي دفاع لاءِ وڌيڪ 6.1 بلين يورو جي مالي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي

برسلز- 24 آگسٽ (اي پي پي) يورپي ڪميشن يوڪرين لاءِ وڌيڪ 6.1 بلين يورو (اٽڪل 7.12 ارب ڊالر) جي مالي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي ڪميشن جي صدر اسرلافان ڊيرلين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اها رقر نئون دفاعي نظام خريد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي، جنهن ۾ فضائي دفاعي نظام، ميزائل، بارود ۽ ريڊار شامل آهن. يوڪرين لاءِ يورپي ڪميشن جي هيءَ تازي امداد …

برسلز- 24 آگسٽ (اي پي پي) يورپي ڪميشن يوڪرين لاءِ وڌيڪ 6.1 بلين يورو (اٽڪل 7.12 ارب ڊالر) جي مالي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي ڪميشن جي صدر اسرلافان ڊيرلين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اها رقر نئون دفاعي نظام خريد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي، جنهن ۾ فضائي دفاعي نظام، ميزائل، بارود ۽ ريڊار شامل آهن. يوڪرين لاءِ يورپي ڪميشن جي هيءَ تازي امداد پهريان کان منظور ٿيل 16 بلين يورو جي دفاعي سامان جي خريداري جي منصوبن کان علاوه آهي. ان مان 8.35 بلين يورو پهريان ئي فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته يورپ يوڪرين کي پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ پنهنجي فضائي حدن جي دفاع ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تعاون وڌيڪ وڌائي رهيو آهي. هن چيو ته يورپ يوڪرين سان گڏ آهي ۽ ان کي جڏهن ۽ جنهن شئي جي ضرورت هوندي، اها فراهم ڪئي ويندي.