لاڙڪاڻو- 23 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري چيو آهي ته رحمت پور ٿاڻي جي حد پير مراد شاهه واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس اهلڪارن وارڌات جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، مقابلي دوران ٻنهي …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
لاڙڪاڻو- 23 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري چيو آهي ته رحمت پور ٿاڻي جي حد پير مراد شاهه واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس اهلڪارن وارڌات جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ 30 بور پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوهاري جي سڃاڻپ سعيد عرف ملڪي ککراڻي جي نالي سان ٿي آهي، شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڏوهاري ڪيترن ئي ڪيسن ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي، فرار ٿيل ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن جاري آهي.












