لاڙڪاڻو- 22 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ چپ تعزيه قافلو برآمد ڪيو ويو جنھن ۾ لاڙڪاڻو سميت سڄي سنڌ مان عزادارن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻو ۾ قديمي چپ تعزيه انجمن چھارده معصومين عليه السلام لاھوري محلا مان برآمد ٿيو، جلوس مقرر رستن تان ٿيندو امام بارگاهه سيد جاڙل شاه بخاري، امام بارگاھ ولايت علي امير المومنين، جعفريه امام بارگاھ کان ٿيندو انجمن پنجتني کچي امام بارگاھ وٽ نهر ٿيو، جتي …
لاڙڪاڻو ۾ چپ تعزيه قافلو برآمد، لاڙڪاڻو سميت سڄي سنڌ مان عزادارن جي شرڪت
لاڙڪاڻو- 22 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ چپ تعزيه قافلو برآمد ڪيو ويو جنھن ۾ لاڙڪاڻو سميت سڄي سنڌ مان عزادارن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻو ۾ قديمي چپ تعزيه انجمن چھارده معصومين عليه السلام لاھوري محلا مان برآمد ٿيو، جلوس مقرر رستن تان ٿيندو امام بارگاهه سيد جاڙل شاه بخاري، امام بارگاھ ولايت علي امير المومنين، جعفريه امام بارگاھ کان ٿيندو انجمن پنجتني کچي امام بارگاھ وٽ نهر ٿيو، جتي لاڙڪاڻي جي بزرگ شيعه اڳواڻ صدر انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه ۽ صدر جامع مسجد ومدرسه صاحب العصر کچي ڪامپليڪس زوار اعجاز حسين کچي مؤمنين عزادرن ۽ مُلڪ جي سلامتي لاءِ دعاءِ خير گھرائي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هُئا. ضلعي انتظاميا ۽ پوليس سان گڏوگڏ رينجرز جي جوانن پنھنجا فرض سرانجام ڏنا. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز ھر ھر جلوس جي سيڪيورٽي جي نگراني ڪندا رھيا، ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو ۾ اينٽي رائٽ ريزرو پليٽونز کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو، جلوس جي گذرگاهن ۾ ايندڙ بلند عمارتن تي ماهر اسنائيپر جديد دوربينن ذريعي جلوس کي ڪنٽرول ڪندا رھيا. سموري صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سي سي ٽي وي ۽ وڊيو رڪارڊنگ کي يقيني بڻايو ويو. پوليس ۽ رينجرس، ريسڪيو ٽيم سان گڏ پاڪ حيدري اسڪائوٽس ۽ لاڙڪاڻو شھر جي مختلف اسڪائوٽس گروپن پڻ پنھنجا فرض سر انجام ڏنا. ٻئي پاسي لاڙڪاڻو پوليس طرفان چپ تعزيه جلوس جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪندي 600 کان وڌيڪ مرد ۽ ليڊيز پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جلوس ۾ شريڪ ٿيندڙ عزادارن جي جامع تلاشي وٺي کين اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. جڏهن ته لاڙڪاڻو پوليس پاران جلوس جي گذرگاهن تي ڪنٽينر ۽ ٻيون وڏيون گاڏيون بيهاري جلوس جي رستن کي سيل ڪيو ويو هو.












