صدر آصف علي زرداري سان چائنا آفريقا اينڊ ايشيا ٽريڊ اينڊ ڪوآپريشن پروموشن ايسوسيئيشن جي صدر هائو يوئي جيائو جي ملاقات

اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار چائنا آفريقا اينڊ ايشيا ٽريڊ اينڊ ڪوآپريشن پروموشن ايسوسيئيشن جي صدر …

اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار چائنا آفريقا اينڊ ايشيا ٽريڊ اينڊ ڪوآپريشن پروموشن ايسوسيئيشن جي صدر هائو يوئي جيائو سان ملاقات دوران ڪيو جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪئي ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هو.