سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پي ٽي آءِ جي باني جو اسپتال ۾ طبي معائنو ڪرايو ويو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پي ٽي آءِ جي باني جو اسپتال ۾ طبي معائنو ڪرايو ويو، طبي معائني موجب پي ٽي آءِ جو باني صحتمند نظر آيو. سمُورو عمل مڪلم ٿيڻ کانپوءِ کيس واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. جمعي ڏينهن سماجي رابطن جي پليٽ فارم "ايڪس" تي …

اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پي ٽي آءِ جي باني جو اسپتال ۾ طبي معائنو ڪرايو ويو، طبي معائني موجب پي ٽي آءِ جو باني صحتمند نظر آيو. سمُورو عمل مڪلم ٿيڻ کانپوءِ کيس واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. جمعي ڏينهن سماجي رابطن جي پليٽ فارم "ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ قيدي کي 20 ۽ 21 آگسٽ 2026ع جي وچ واري رات مناسب سيڪيورٽي انتظامن ۾ اسپتال آندو ويو. اکين جي ماهر، دل جي ماهر ۽ فزيشن سميت قابل ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس تفصيلي معائنو ڪيو ۽ کيس طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو. سندس ڀيڻ عظميٰ خان طبي معائني ۽ علاج جي سمُورن مرحلن دوران موجود هئي. اهو سمُورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس 21 آگسٽ 2026ع جي صبح جو 5 وڳي واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ تفصيلن کان آگاهي ڏيندي چيو ته طبي معائنو پمز اسپتال ۾ ڪرايو ويو جنهن ۾ شفا انٽرنيشنل اسپتال جا ڊاڪٽر پڻ موجود هئا. پي ٽي آءِ جا ڪارڪن پاران سيڪيورٽي جي صورتحال شفا انٽرنيشنل اسپتال جي رستي تي ۽ ٻاهر پيدا ڪئي وئي، جنهن جي ڪري کيس پمز اسپتال آندو ويو ۽ طبي معائني موجب هُو صحتمند ڏٺو ويو. کيس اڳ ۾ به طبي سهولتون فراهم ٿينديُون رهيُون آهن ۽ هاڻي به جڏهن کيس ضرورت پوندي ته طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.