اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ دهشتگردي جي سمورن متاثرن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي سبب متاثر خاندانن جي حقن ۽ وقار جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق سينيٽر اعظم نذير تارڙ انهن خيالن جو اظهار دهشتگردي جي متاثرن جي ياد ۽ کين خراج عقيدت پيش …
دهشتگردي سبب متاثر خاندانن جي حقن ۽ وقار جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ دهشتگردي جي سمورن متاثرن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي سبب متاثر خاندانن جي حقن ۽ وقار جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق سينيٽر اعظم نذير تارڙ انهن خيالن جو اظهار دهشتگردي جي متاثرن جي ياد ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي ڪٽنب جي ڀاتين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جانين جي قرباني پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ شهيدن جي ڪٽنب جي ڀاتين جي قربانين ۽ حوصلي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته دهشتگردي جي متاثرن کي انصاف ۽ قانوني سهڪار جي فراهمي ضروري آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن کي انصاف تائين وقت سر پهچ فراهم ڪرڻ به رياست جي اهم ذميواري آهي. هن چيو ته انتهاپسندي، عدم برداشت ۽ نفرت جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششون ضروري آهن. هن چيو ته شهيدن ۽ متاثرن جون قربانيون قومي يادداشت جو مستقل حصو آهن ۽ پاڪستان دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ انصاف پرامن ۽ محفوظ معاشري جو بنياد آهي، متاثرن لاءِ انصاف، تحفظ، قانوني سهڪار ۽ بحالي جو اثرائتو نظام حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي متاثرن جي مدد ۽ بحالي قومي ۽ رياستي ذميواري آهي، پاڪستان امن، انصاف، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي عزم تي قائم آهي.











