مارڪ زڪربرگ آئرلينڊ ۾ تاريخي محل خريد ڪري ورتو

واشنگٽن-21 آگسٽ (اي پي پي) فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي مالڪ ڪمپني ميٽا جي باني ۽ سربراهه مارڪ زڪربرگ آئرلينڊ ۾ محل خريد ڪري ورتو جتي آمريڪا کان ٻاهر سندس ڪمپني جو مرڪزي هيڊڪوارٽر آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اطلاع سندس ترجمان ميڊيا کي ڏنل هڪ بيان ۾ ڏنو، پر ترجمان ان سودي جي ماليت ظاهر ناهي ڪئي. آمريڪي ارب پتي ڏکڻ آئرلينڊ جي ڪائونٽي واٽر فورڊ ۾ منفرد طرز …

واشنگٽن-21 آگسٽ (اي پي پي) فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي مالڪ ڪمپني ميٽا جي باني ۽ سربراهه مارڪ زڪربرگ آئرلينڊ ۾ محل خريد ڪري ورتو جتي آمريڪا کان ٻاهر سندس ڪمپني جو مرڪزي هيڊڪوارٽر آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اطلاع سندس ترجمان ميڊيا کي ڏنل هڪ بيان ۾ ڏنو، پر ترجمان ان سودي جي ماليت ظاهر ناهي ڪئي. آمريڪي ارب پتي ڏکڻ آئرلينڊ جي ڪائونٽي واٽر فورڊ ۾ منفرد طرز جو اهو محل برطانوي واپاري مائيڪل ايلن بڪلي ۽ سندس زال جانڪارلا کان خريد ڪيو. مائيڪل ايلن جو تعلق برطانيا ۾ لگزري هوٽلن جي مشهور شخصيت فورٽي فيملي سان آهي. هڪ انگريز سياستدان لاءِ 1827ع ۾ تعمير ڪيل اهو محل ٽي ماڙ تي ٻڌل آهي ۽ ڊبلن جي ڏکڻ اولهه ۾ اٽڪل 150 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. گذريل 20 سالن دوران ان جي وڏي پيماني تي مرمت ۽ سينگار جو ڪم ڪرايو ويو آهي. ترجمان چيو ته مارڪ زڪربرگ ۽ سندس خاندان ان تاريخي گهر جي سار سنڀال کي برقرار رکڻ تي تمام گهڻو خوش آهي ۽ هو آئرلينڊ ۾ وقت گذارڻ جو منتظر آهي. واضح رهي ته آئرلينڊ ۾ ميٽا پنهنجو عالمي هيڊڪوارٽر قائم ڪيو آهي.