نئين دهلي-21 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي اولهندي رياست گجرات ۾ مبينا طور تي ميٿانول مليل زهريلو شراب پيئڻ سبب 24 ڪلاڪن دوران 8 ڄڻا فوت ۽ اٽڪل 40 بيمار ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ مقامي عهديدار جمعي تي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته اهي فوتگيون گجرات جي علائقي ڀاونگر ۾ رپورٽ ٿيون. بيمار ٿيل ماڻهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گجرات …
ڀارتي رياست گجرات ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب 8 ڄڻا فوت، 40 اسپتال منتقل
نئين دهلي-21 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي اولهندي رياست گجرات ۾ مبينا طور تي ميٿانول مليل زهريلو شراب پيئڻ سبب 24 ڪلاڪن دوران 8 ڄڻا فوت ۽ اٽڪل 40 بيمار ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ مقامي عهديدار جمعي تي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته اهي فوتگيون گجرات جي علائقي ڀاونگر ۾ رپورٽ ٿيون. بيمار ٿيل ماڻهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گجرات ڀارت جي انهن رياستن ۾ شامل آهي جتي شراب پيئڻ تي مڪمل پابندي لاڳو آهي.












