لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ترڪ علي بروهي ۾ نوجوان ناري پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو-20 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ترڪ علي بروهي ۾ 17 سالن جي ناري آسيه ڌيءَ علي احمد بروهي پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪرڻ جي ڪري ٻڏي وئي جنهن کي وارثن کڏ مان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن ناري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويل ناري جي وارثن ٻڌايو ته اسان …

لاڙڪاڻو-20 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ترڪ علي بروهي ۾ 17 سالن جي ناري آسيه ڌيءَ علي احمد بروهي پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪرڻ جي ڪري ٻڏي وئي جنهن کي وارثن کڏ مان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن ناري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويل ناري جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نياڻي آسيه بروهي مال چارڻ لاءِ وئي جتي هوءَ پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي آهي. ٻئي طرف ضروري ڪارروائي بعد ٻڏي ويل ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.