تهران-20 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران خلاف تباهي آڻيندڙ معاشي ڪارروائيءَ جو اعلان، آمريڪا جو پنهنجي معاشي ڏُکيائين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ آمريڪا جي وڌندڙ سرڪاري قرضن ۽ وياج جي ادائگين تي وڌندڙ خرچن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته پُراڻي ۽ ناڪام پاليسين کي ورجائڻ سان آمريڪا کي آئينده …
آمريڪا جو ايران خلاف تباهي آڻيندڙ معاشي ڪارروائيءَ جو اعلان، آمريڪا جي پنهنجي معاشي ڏُکيائين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي: ايران جو پرڏيهي وزير
تهران-20 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران خلاف تباهي آڻيندڙ معاشي ڪارروائيءَ جو اعلان، آمريڪا جو پنهنجي معاشي ڏُکيائين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ آمريڪا جي وڌندڙ سرڪاري قرضن ۽ وياج جي ادائگين تي وڌندڙ خرچن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته پُراڻي ۽ ناڪام پاليسين کي ورجائڻ سان آمريڪا کي آئينده به شڪست ۽ ايراني عوام جي ناراضگي ئي حاصل ٿيندي. هن الزام لڳايو ته آمريڪي معاشي دهشتگردي سڄي دنيا جي معيشت ۽ ملڪن جي خودمختياريءَ لاءِ خطرو بڻجندي پئي وڃي. ايراني پرڏيهي وزير جو اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا جو قومي قرض 400 کرب ڊالرن کان وڌي ويو آهي. ان کان پهرين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف هڪ غير معمولي ۽ تباهي آڻيندڙ معاشي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي لکيو ته هن ايران کي ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڀرپور موقعو ڏنو هو پر ايران ان موقعي مان فائدو کڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن لکيو ته اڄ مان اهڙي تباهي آڻيندڙ معاشي ڪارروائي جو اعلان ڪري رهيو آهيان جيڪا هاڻ تائين ڪنهن به ملڪ خلاف نه ڪئي وئي هجي. اها هڪ معاشي جنگ ۽ غير معمولي پيماني تي اڪيلائيءَ جي مهم هوندي. آمريڪي صدر ايران جي فوجي ۽ معاشي صلاحيت کي تباهه ڪرڻ بابت پنهنجن اڳوڻن بيانن جو ورجاءُ ڪندي لکيو ته جيڪو به ملڪ پنهنجي مالياتي ادارن، ڪاروبار، هوائي اڏن يا سرڪاري ادارن کي ايران کي ڪنهن به قسم جي مالي مدد فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏيندو، ان کي پاڻ به سنگين معاشي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ان جي وضاحت ڪندي هن تيل جي اسمگلنگ، تيل بردار جهازن جي تبديلي، روڪ رقم جي منتقلي، ڪرنسي ايڪچسيج مرڪزن جو استعمال ۽ فرضي ڪمپنين جي نالن تي جهازن جي رجسٽريشن جهڙن معاملن جو ذڪر ڪيو.












