اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي ڊگهي مدي واري توانائي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ توانائي جي شعبي جي سمورن حصن خاص ڪري اپ اسٽريم، مڊ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم شعبن وچ ۾ موثر رابطا ۽ هم آهنگي اڻٽر آهي، توانائي جو محفوظ ۽ پائيدار نظام ملڪي معاشي ترقي جو بنياد آهي ان لاءِ توانائي جي طلب ۽ رسد ۾ …
توانائي جي طلب ۽ رسد ۾ توازن، مقامي وسيلن جو بهتر استعمال ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي ڊگهي مدي واري توانائي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ توانائي جي شعبي جي سمورن حصن خاص ڪري اپ اسٽريم، مڊ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم شعبن وچ ۾ موثر رابطا ۽ هم آهنگي اڻٽر آهي، توانائي جو محفوظ ۽ پائيدار نظام ملڪي معاشي ترقي جو بنياد آهي ان لاءِ توانائي جي طلب ۽ رسد ۾ توازن، مقامي وسيلن جي بهتر استعمال ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن پاڪستان انرجي ڪانفرنس 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. علي پرويز ملڪ چيو ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ماهوار بنياد تي اجلاس ٿيندو آهي جنهن ۾ ان شعبي بابت اهم معاملا ۽ پاليسي قدمن جو جائزو ورتو ويندو آهي. وفاقي وزير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته محفوظ ۽ قابل اعتماد توانائي جو نظام ملڪي معاشي ترقي جو بنياد آهي، ان شعبي ۾ پائيدار ۽ معاشي ترقي کي گڏوگڏ اڳتي وڌائڻو پوندو. علي پرويز ملڪ چيو ته توانائي جي طلب ۽ رسد ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ جامع ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي انتهائي اهم آهي، حڪومت توانائي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ جا پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي ۽ انرجي پاليسي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت ملڪي توانائي جي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. ان شعبي ۾ امپورٽ تي گهٽ ڀاڙڻ، مقامي وسيلن جو بهتر استعمال يقيني بڻائڻ ۽ صارفين کي چٽاڀيٽي وارين قيمتن تي توانائي جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت توانائي پاليسي ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي توانائي تحفظ کي بهتر بڻائن لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي، ان شعبي جي ڊگهي مدي واري پائيداري لاءِ ضروري آهي ته هر ڊويزن پنهنجي پيرن تي بيٺل هجي. هن چيو ته آبنائي هرمز جي تازي صورتحال واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي عملن جي اثرن جي ڀيٽ ۾ ڪيتري قدر حساس آهي ان لاءِ وچولي مدي جي قومي توانائي پاليسي جي جوڙجڪ ۾ پيٽروليم جي شعبي کي به موثر طور تي شامل ڪرڻو پوندو. علي پرويز ملڪ ٻڌايو ته توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي بين الوزارتي پليٽ فارم کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي جنهن جي سربراهي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻ ڪري رهيو آهي. هن تجويز ڏني ته ڪميٽي جو اجلاس هر ٻن مهينن کانپوءِ منعقد ڪيو وڃي ته جيئن توانائي جي پوري ويليو چين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو باقاعدگي سان جائزو وٺي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪميٽي ۾ پيٽروليم، پاور ۽ فنانس جا وزير شامل آهن جيڪي گڏيل مشاورت سان توانائي جي شعبي کي پائيدار بنيادن تي اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا. هن واضح ڪيو ته پيٽروليم ڊويزن اهڙو شعبو نٿو بڻجي سگهي جنهن تي بجيٽ جا اثر پورا ڪرڻ لاءِ مسلسل وڏا ٽيڪس ۽ مالي مداخلتون ڪيون وڃن. هن چيو ته توانائي جي تحفظ لاءِ اپ اسٽريم ايڪسپلوريشن ۾ سيڙپڪاري کي پاليسي جي تسلسل ۽ وچولي مدي جو واضح رخ فراهم ڪرڻ ضروري آهي، ڪامياب دريافت جي صورت ۾ سيڙپڪارن کي پنهنجي منافعي کي برقرار رکندي ان کي ٻيهر انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ وڌيڪ ايڪسپلوريشن ۾ لڳائڻ جا موقعا ملڻ گهرجن. علي پرويز ملڪ چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت دوست ملڪن جي تعاون سان اٽڪل 20 سالن کانپوءِ آف شور ايڪسپلوريشن کي ٻيهر فعال ڪري رهي آهي، جيڪڏهن هڪ کوهه تي 100 ملين ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري متوقع آهي ته سيڙپڪارن لاءِ پاليسي جو تسلسل ۽ وچولي مدي واري واضح صورتحال فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اپ اسٽريم سيڪٽر ۾ آن شور ۽ آف شور بيسز ۾ ايڪسپلوريشن سان گڏوگڏ سرڪلر ڊيٽ ۽ وراثتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي به ڪم جاري آهي، صارفين کي قيمتن ۾ هڪ روپيو به اضافو ڪرڻ کانسواءِ سرڪلر ڊيٽ جي وهڪري کي اٽڪل ٻڙي تي برقرارر کيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده غير يقيني صورتحال ۾ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ذريعي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ تعاون تي ريفائنريز جا ٿورائتا آهيون، هن چيو ته اصل ڌيان ان ڳالهه تي هجڻ گهرجي ته ملڪي ريفائنريز ايتري قدر خراب ڇو آهن ۽ هو ڊيپ ڪنورزن ريفائنريز ۾ اپ گريڊ ڇو نٿيون ٿي سگهن، نئين ريفائنري پاليسي ۽ آپريشنل فليڪسي بلٽي به ان مقصد لاءِ متعارف ڪرائي پئي وڃي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ريفائنري پاليسي موجود آهي ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري لاڳاپيل ڌرين سان معاهدن کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي. ان حوالي سان صحيحن جي تقريب به منعقد ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته ايندڙ نسلن کي موجوده نسل وانگر توانائي چئلينجز کي منهن نه ڏيڻو پوي. گئس سيڪٽر جي حوالي سان هن ورلڊ بئنڪ جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته عالمي بئنڪ گئس جي شعبي کي ان بنڊل ڪرڻ ۽ سڌارن جي عمل ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي، ان عمل تحت انفر اسٽرڪچر جي ڪاروبار کي انرجي جي ڪاروبار کان ڌار ڪرڻ، شعبي ۾ چٽاڀيٽي وڌائڻ، اپ اسٽريم سيڪٽر لاءِ وڌيڪ ليڪويڊٽي جي حوصلا افزائي ۽ نظام ۾ ڪارڪاردگي ۽ آپٽيمائيزيشن آڻڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي. علي پرويز ملڪ چيو ته ان حوالي سان رپورٽ هلندڙ مهيني جي آخر تائين متوقع آهي جنهن کانپوءِ ان کي وزيراعظم آڏو پيش ڪئي ويندي. حڪومت رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ سراسري توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ پائيداري لاءِ اڳتي وڌندي.








