اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. خميس ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 42 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 42 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 32 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 32 هزارڪيوسڪ، خيرآباد پل …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. خميس ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 42 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 42 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 32 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 32 هزارڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 69 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 69 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ هزار 100ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 84 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 55 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 47 هزار 600 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2لک 54 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 400 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 30 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 88 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1214.05 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.168 ملين ايڪڙ فٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











