صحت واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس

اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ صحت واري وزارت ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز بابت جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي مجموعي صورتحال، ايڇ آءِ وي جي روڪٿام پروگرام تي عملدرآمد، نگرانيءَ جي نظام ۽ مختلف صوبن ۾ جاري قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊجيٽل ڊيٽا، صوبائي قدمن ۽ …

اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ صحت واري وزارت ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز بابت جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي مجموعي صورتحال، ايڇ آءِ وي جي روڪٿام پروگرام تي عملدرآمد، نگرانيءَ جي نظام ۽ مختلف صوبن ۾ جاري قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊجيٽل ڊيٽا، صوبائي قدمن ۽ گلوبل فنڊ جي سهڪار سان جاري سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم ٽاسڪ فورس ۽ ٻين ڄاڻايل فورمز طرفان منظور ڪيل سفارشن ۽ قدمن تي اڳڀرائيءَ تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ انجيڪشن سيفٽي، بلڊ سيفٽي، انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول، عوامي آگاهي، ايڇ آءِ وي وائرل لوڊ ٽيسٽنگ، نگراني جي نظام، ڊجيٽل ڊيٽا مئنجمينٽ، بارڊر اسڪريننگ ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ هر وڏي يا معمولي آپريشن ۽ چمڙيءَ کي چير ڏيڻ يا ڪَٽ ڏيڻ کان اڳ ايڇ آءِ وي جي اسڪريننگ لازمي طور يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته صحت جي سهولتن ۾ ايڇ آءِ وي جي منتقلي جي خطرن کي وڌيڪ گهٽ ڪيو وڃي، سنڌ، پنجاب ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ معمولي ۽ وڏن جراحي طريقيڪارن کان اڳ ايڇ آءِ وي اسڪريننگ پهرين کان جاري آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان جا لاڳاپيل عملدار سرجري کان اڳ ايڇ آءِ وي اسڪريننگ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ضروري نوٽيفڪيشن جاري ڪن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا زندگي گذاريندڙ ٻارن لاءِ غذائي معاونت کي خاص اهميت ڏني وڃي، متاثر ٻارن جي سارسنڀال صرف طبي علاج تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر سندن غذائي، نفسياتي ۽ فلاحي معاونت به يقنيي بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته آئينده جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس ۾ سمورن صوبائي هيلٿ ڪيئر ڪميشنز کي به دعوت ڏني وڃي جڏهن ته صوبن ۾ انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول جي طريقيڪار جو جامع جائزو ورتو ويندو.