سينيٽ چيئرمين سان پاڪستان ۾ پرتگال جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ پرتگال جي سفير پالو ميگوئل گيديز ڊومنگيز اربع ڏينهن منسٽرز انڪليو ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، واپار ۽ سيڙپڪاري، پارلياماني سهڪار ۽ عوامي رابطن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان پرتگال سان جٽادار …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ پرتگال جي سفير پالو ميگوئل گيديز ڊومنگيز اربع ڏينهن منسٽرز انڪليو ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، واپار ۽ سيڙپڪاري، پارلياماني سهڪار ۽ عوامي رابطن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان پرتگال سان جٽادار ۽ دوستاڻن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم، ثقافت ۽ بليو اڪانومي سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ واپاري ڳاڻيٽي جو ذڪر ڪندي چيو ته اقتصادي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن جن مان فائدو کڻڻ لاءِ نوان موقعا تلاش ڪرڻ ضروري آهن. هن پرتگال جي ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ اُڀرندڙ اقتصادي ۽ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻَڌل ڀائيواري قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. سينيٽ چيئرمين انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪردار کي به اجاگر ڪندي چيو ته اها ڪانفرنس خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. سيد يوسف رضا گيلاني پرتگال ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اٽڪل 50 هزار پاڪستاني پرتگال ۾ رهن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ اهم پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جڏهن ته پورهيتن ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين ليبر موبيلٽي پارٽنرشپ معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته اهو معاهدو ان اهم شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار لاءِ هڪ مؤثر فريم ورڪ فراهم ڪندو. هن پاڪستان ۽ پرتگالي يونيورسٽين وچ ۾ شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا ۽ گڏيل تحقيقي پروگرامن ذريعي تعليمي سهڪار وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو. هن پاڪستان لاءِ جي ايس پي پلس حيثيت جي حوالي سان پرتگال جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اعليٰ سطحي دؤرن ۽ باقاعده ٻه طرفي صلاح مشوري ذريعي ٻنهي ملڪن جا ناتا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرتگال جي سفير، سينيٽ چيئرمين طرفان شاندار آجيان تي شڪريو ادا ڪندي پاڪستان سان ٻه طرفن ناتن خاص ڪري واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ پرتگال جي گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن رابطن، گڏيل سهڪار ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.