جڪارته- 19 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا آيل 7.7 جي شدت جي طاقتور زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 70 ٿي ويو آهي ، جڏهن ته مسلسل آفٽر شاڪس سبب 40 هزار ماڻهو بي گهر ۽ هڪ هزار 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق قومي ڊزاسٽر مٽيگيشن ايجنسي ٻڌايو ته زلزلي سبب هيستائين 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. 1100 ماڻهو زخمي …
انڊونيشيا ۾ زلزلي سبب فوتگين جو انگ وڌي 70 ٿي ويو
جڪارته- 19 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا آيل 7.7 جي شدت جي طاقتور زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 70 ٿي ويو آهي ، جڏهن ته مسلسل آفٽر شاڪس سبب 40 هزار ماڻهو بي گهر ۽ هڪ هزار 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق قومي ڊزاسٽر مٽيگيشن ايجنسي ٻڌايو ته زلزلي سبب هيستائين 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. 1100 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. زلزلي سبب فلوريس جي ڪيترن علائقن ۾ اٽڪل 12 هزار گهرن کي نقصان پهتو آهي، جتي قومي ڊزاسٽرمٽيگيشن ايجنسي جي ترجمان ٻڌايو ته ڪيترن آفٽر شاڪس سبب ڪيترائي رهائشي پنهنجي گهرن طرف واپس وڃڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن. انڊونيشيا جي ڊيزاسٽر مينجمنٽ ايجنسي مطابق هڪ هزار 100 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته 40 هزار ماڻهو اڃان به پناهه گاهن ۾ موجود آهن، جن ۾ فلوريس ٻيٽ جا 12800 ماڻهو به شامل آهن. ڇنڇر کان هيستائين 2100 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. حڪومت طرفان اضافي امداد زميني، سامونڊي ۽ فضائي رستن ذريعي پهچائڻ شروع ڪئي وئي آهي، پر خوراڪ ، پاڻي پيئڻ ، خيمن ۽ صفائي جي سهولت جي کوٽ برقرار آهي.












