واشنگٽن- 19 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا کان آمدني واپار وارين شين تي لاڳو ڪيل نئين 50 سيڪڙو ٽيرف کي ٽن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، پر ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني مطابق اهم اڳڀرائي باوجود اڃان ڪجهه باقي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ڪينيڊين شين تي …
آمريڪي صدر طرفان ڪينڊا جي شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف ٽن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان
واشنگٽن- 19 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا کان آمدني واپار وارين شين تي لاڳو ڪيل نئين 50 سيڪڙو ٽيرف کي ٽن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، پر ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني مطابق اهم اڳڀرائي باوجود اڃان ڪجهه باقي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ڪينيڊين شين تي لاڳو ڪيل نئين 50 سيڪڙو ٽيرف کي ٽن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. اهو ٽيرف اربع جي وچولي رات کان لاڳو ٿيڻو هو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا هڪ معاهدي تائين پهچي ويا آهن. هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ٽيرف ۾ اهو وقفو ان بنياد تي ڪيو ويو آهي ته دستاويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ سان مشروط آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. آمريڪي واپاري نمائندي جيمي سن گريئر جي آفيس مطابق ڄاڻايل معاهدي ۾ سمورن آمريڪي شين لاءِ جامع مارڪيٽ رسائي، اقتصادي سلامتي بابت يقين ڏيارڻ ۽ ڊيجيٽل واپار ۾ هم آهنگي سميت شيون شامل رهنديون.












