ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي صوبائي اسيمبلي واري تڪ پي ايس-30 خيرپور 5 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار اسفنديار خان کرل جي ڪاميابي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪون ڏنيون آهن. وڏي وزير جي ترجمان موجب سيد مراد علي شاهه چيو ته اسفنديار خان کرل جي ڪاميابي پارٽي جي ڪارڪنن، …
سنڌ جي وڏي وزير پاران پي ايس-30 خيرپور 5 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار اسفنديار خان کرل جي ڪاميابي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪون

مزید خبریں
ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي صوبائي اسيمبلي واري تڪ پي ايس-30 خيرپور 5 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار اسفنديار خان کرل جي ڪاميابي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪون ڏنيون آهن. وڏي وزير جي ترجمان موجب سيد مراد علي شاهه چيو ته اسفنديار خان کرل جي ڪاميابي پارٽي جي ڪارڪنن، عهديدارن ۽ عوام جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي پنهنجن مسئلن جو حل رڳو پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ نظر اچي رهيو آهي. سيد مراد علي شاهه اسفنديار خان کرل ۽ سندس خاندان کي پڻ شاندار ڪاميابي تي مبارڪون پيش ڪيون.










