ايران خلاف عدم سهڪار، آمريڪي صدر پاران ڏکڻ ڪوريا سان فوجي مشقون محدود ڪرڻ جو حڪم

واشنگٽن- 17 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پينٽاگون کي ڏکڻ ڪوريا سان تجويز ڪيل گڏيل فوجي مشقن جو دائرو محدود ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ڇو جو هن مطابق ان ايران کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مدد کان انڪار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي جاري پوسٽ ۾ اهو به چيو ته سندس اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم …

واشنگٽن- 17 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پينٽاگون کي ڏکڻ ڪوريا سان تجويز ڪيل گڏيل فوجي مشقن جو دائرو محدود ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ڇو جو هن مطابق ان ايران کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مدد کان انڪار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي جاري پوسٽ ۾ اهو به چيو ته سندس اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان سان سٺا لاڳاپا آهن. هن مطابق ڏکڻ ڪوريا سان هلندڙ هفتي شروع ٿيل فوجي مشقون نه رڳو مهانگيون آهن پر اتر ڪوريا کي به نا مناسب ۽ دشمني تي ٻڌل پيغام ڏين ٿيون. صدر ٽرمپ اهو به چيو سندس صدارت واري دور ۾ اتر ڪوريا نه رڳو ڌمڪي واري رويي کان پاسو ڪيو پر احترام جو مظاهرو به ڪندو رهيو. هن جو چوڻ هو ته هن وقت جيتوڻيڪ مشقن کي ڪينسل نه ٿو ڪري سگهجي ان ڪري جنگ بابت وزير پيٽ هيگسٿ کي انهن ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر تازو ئي ڏکڻ ڪوريا جي صدر کي چيو هو ته هو ايران کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي آمريڪي ڪوششن ۾ شامل ٿئي پر هن جواب ۾ ”نه“ ۽ ”شڪريو“ چيو هو.