لاڙڪاڻو- 16 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ورتو ۽ هڪ عدد رپيٽر، هڪ عدد پسٽل ۽ چوري ٿيل ڪمپيوٽر ڪانٽو ھٿ ڪيو. نئوديرو ٿاڻي جي حد ڀٽي لاڙو واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو …
لاڙڪاڻو پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار، وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 16 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ورتو ۽ هڪ عدد رپيٽر، هڪ عدد پسٽل ۽ چوري ٿيل ڪمپيوٽر ڪانٽو ھٿ ڪيو. نئوديرو ٿاڻي جي حد ڀٽي لاڙو واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس قبضي مان هڪ عدد رپيٽر، هڪ عدد پسٽل ۽ هڪ عدد چوري ٿيل ڪمپيوٽر ڪانٽو هٿ ڪيو ويو. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ ياسين گوپانگ جي نالي سان ٿي آهي، شروعاتي جاچ موجب ڄاڻايل ڦورو لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۽ سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث آهي، فرار ٿي ويل ڦورن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.











