اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان تي مڙهيل طالبان حڪومت جا 5 سال مڪمل ٿي ويا آهن پر افغان عوام غاصب حڪومت خلاف شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو. افغان عوام قابضي طالبان حڪومت جي 5 سالن واري دور کي افغانستان جي تباهي، بدحالي ۽ بربادي جو بدترين دور قرار ڏنو آهي. افغانستان جي مختلف شهرن مان شهرين طالبان حڪومت تي شديد تنقيد ڪندي ويڊيو پيغام …
افغانستان تي مڙهيل طالبان حڪومت جا 5 سال، افغان عوام پاران غاصب حڪمرانن خلاف ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار
اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان تي مڙهيل طالبان حڪومت جا 5 سال مڪمل ٿي ويا آهن پر افغان عوام غاصب حڪومت خلاف شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو. افغان عوام قابضي طالبان حڪومت جي 5 سالن واري دور کي افغانستان جي تباهي، بدحالي ۽ بربادي جو بدترين دور قرار ڏنو آهي. افغانستان جي مختلف شهرن مان شهرين طالبان حڪومت تي شديد تنقيد ڪندي ويڊيو پيغام جاري ڪيا آهن. طالبان جي مرڪز جلال آباد مان افغان شهري ويڊيو پيغام جاري ڪندي چيو آهي، ته افغان طالبان رجيم جي 5 سالن واري دور افغانسان کي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. افغان طالبان ڀارت ۽ اسرائيل جا غلام آهن ۽ سندن اقتدار هاڻي خاتمي ويجهو آهي. اهڙي طرح قنڌار مان بک ۽ بيروزگاري کان تنگ افغان شهري افغان عوام کي طالبان حڪومت خلاف ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.












