واشنگٽن-16 آگسٽ (اي پي پي) فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي مالڪ ڪمپني ميٽا صارفين لاءِ واٽس ايپ تي اي آءِ جي مدد سان فراڊ جي امڪاني ڪوششن کان خبردار ڪندڙ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي في الحال محدود پيماني تي آزمائشي طور جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٽيڪنالاجي رسالي دي ورج جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ان فيچر کي ”اسڪيم الرٽ“ جو نالو …
ميٽا واٽس ايپ تي اي آءِ اسڪيم الرٽ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو
واشنگٽن-16 آگسٽ (اي پي پي) فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي مالڪ ڪمپني ميٽا صارفين لاءِ واٽس ايپ تي اي آءِ جي مدد سان فراڊ جي امڪاني ڪوششن کان خبردار ڪندڙ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي في الحال محدود پيماني تي آزمائشي طور جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٽيڪنالاجي رسالي دي ورج جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ان فيچر کي ”اسڪيم الرٽ“ جو نالو ڏنو ويو آهي. جڏهن اي آءِ کي ڪنهن جاري ڳالهه ٻولهه ۾ امڪاني فراڊ جو شڪ ٿيندو آهي ته اهو صارف کي هڪ تنبيهي بينر ڏيکاريندو آهي. صارف کي فوري طور تي رابطي کي بلاڪ ڪرڻ، اڪائونٽ کي رپورٽ ڪرڻ يا ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه ٻولهه بابت غلط طور تنبيهه جاري ڪئي وڃي ته صارف ان رابطي کي اعتماد جوڳو قرار ڏئي مخصوص چيٽ لاءِ الرٽ ختم ڪري سگهي ٿو. صارفين وٽ اهو اختيار به هوندو ته هو چيٽ جا آخري پنج پيغام واٽس ايپ سان شيئر ڪن ته جيئن ان فيچر جي درستگي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي.












