ماسڪو - 16 آگسٽ (اي پي پي) روس جي هٿياربند فوج يوڪرين جي گادي واري هنڌ ڪيف ۾ دفاعي صنعت جي سهولتن کانسواءِ ڪريمينچگ آئل ريفائنري ۽ ڪريوي رگ ۾ اسٽيل پلانٽ کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته 12 ڪلاڪن دوران يوڪرين مان 822 ڊرونز کي هدفن تي پهچڻ کان اڳ تباهه ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي فوج يوڪريني گادي واري هنڌ ڪيف ۾ فائر پوائنٽ نالي ڪمپني کي …
روس پاران يوڪرين ۾ دفاعي صنعت جي سهولتن، آئل ريفائنري ۽ اسٽيل پلانٽ کي نشانو بڻائڻ، 12 ڪلاڪن دوران 822 ڊرونز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
ماسڪو – 16 آگسٽ (اي پي پي) روس جي هٿياربند فوج يوڪرين جي گادي واري هنڌ ڪيف ۾ دفاعي صنعت جي سهولتن کانسواءِ ڪريمينچگ آئل ريفائنري ۽ ڪريوي رگ ۾ اسٽيل پلانٽ کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته 12 ڪلاڪن دوران يوڪرين مان 822 ڊرونز کي هدفن تي پهچڻ کان اڳ تباهه ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي فوج يوڪريني گادي واري هنڌ ڪيف ۾ فائر پوائنٽ نالي ڪمپني کي نشانو بڻايو، جيڪا زمين کان فائر ڪيل ڪروز ميزائلن فليمنگو لاءِ اوزار، وار هيڊز ۽ ٺوس ٻارڻ واري بوسٽر تيار ڪرڻ واري ڪمپني آهي. روسي فوج گادي واري شهر ڪيف ۾ يوڪرين ڊفينس ڪمپني کي به نشانو بڻايو آهي. روسي فوج پولتاوا علائقي ۾ ڪريمينچگ آئل ريفائنري کي نشانو بڻايو. روسي فوج ڊنيپرو پيٽروسڪ علائقي ۾ ڪريوي رگ جي اسٽيل بڻائڻ وارين سهولتن کي نشانو بڻايو، جيڪا هٿيارن ۽ فوجي اوزارن لاءِ ورلڊ اسٽيل تيار ڪندي آهي. روسي اختيارين مطابق روسي فضائي دفاعي فوج، بيلگوروڊ، بريانسڪ، ولاديمير، وولگوگراڊ، وورونيز، ڪالوگا، ڪورسڪ، ليپٽسڪ، نيزنينووگوروڊ، اوريول، روستوو، ريازان، تيمبوف ۽ تولا علائقن، ماسڪو، ڪراسنوڊار علائقي ۽ ڪريميا کانسواءِ ازوف سمنڊ ۽ اسود سمنڊ جي مٿان اڏامندڙ 822 يوڪريني ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو. روسي دفاع واري وزارت مطابق اها ڪارروائي 15 آگسٽ تي ماسڪو جي وقت مطابق رات جو 8 وڳي کان 16 آگسٽ جي صبح 8 وڳي تائين ڪئي وئي.











