صدر آصف علي زرداري پاران ڏکڻ ڪوريا جي قيادت کي سندن قومي ڏينهن تي مبارڪون

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ، ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام کي سندن قومي ڏينهن ۽ يوم آزادي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڇنڇر تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر پنهنجي خط ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نظر سان ڏسي …

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ، ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام کي سندن قومي ڏينهن ۽ يوم آزادي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڇنڇر تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر پنهنجي خط ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل اعتماد، ويجهي سهڪار ۽ ٻه طرفا گهڻ رخي رابطن تي ٻڌل انهن لاڳاپن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. صدر آصف علي زرداري ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي شعبن سميت سياسي رابطن، واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيندا رهندا. صدر چيو ته هو ٻنهي ملڪن ۽ سندن عوام جي گڏيل مفاد لاءِ ٻه طرفا شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.