ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ عوام کي هر ممڪن امداد ۽ ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اين ڊي ايم اي کي لاڳاپيل صوبائي ادارن ۽ پي ڊي ايم اي سان اثرائتي رابطي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عوام کي هر ممڪن امداد ۽ ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ دستياب وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽنينٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ڇنڇر تي هتي ملاقات …

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اين ڊي ايم اي کي لاڳاپيل صوبائي ادارن ۽ پي ڊي ايم اي سان اثرائتي رابطي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عوام کي هر ممڪن امداد ۽ ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ دستياب وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽنينٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ڇنڇر تي هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم نيشنل ايمرجنسز آپريشن سينٽر ۾ اي آءِ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ عوام کي هر ممڪن مداد ۽ ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا ويندا. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي لاڳاپيل صوبائي ادارن ۽ پي ڊي ايم ايز سان اثرائتو رابطو رکڻ جي به هدايت ڪئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ جي موسمياتي صورتحال، خاص طور تي مون سون برساتن کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ سرگرمين ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ اين ڊي ايم اي پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون جاري رهنديون.