فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران يوم آزادي تي پاڪ فوج جي اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ آجياڻو

راولپنڊي- 15 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊيفنس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت يوم آزادي جي موقعي تي پاڪ فوج جي اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر پاران ڇنڇر تي جاري پريس ريليز مطابق ان موقعي تي ڇيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز ملڪ جي …

راولپنڊي- 15 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊيفنس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت يوم آزادي جي موقعي تي پاڪ فوج جي اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر پاران ڇنڇر تي جاري پريس ريليز مطابق ان موقعي تي ڇيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز ملڪ جي دفاع ۾ اڳوڻن فوجين جي انمول شراڪت ۽ تاحيات خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي قومي لچڪ کي مستحڪم بڻائڻ ۾ سندس لازوال ڪردار جو اعتراف ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سندن تجربو، رهنمائي ۽ مسلسل مصروفيت خاص طور تي تيزي سان اڀرندڙ ۽ سيڪيورٽي مسئلن جي منجهيل حل لاءِ قيمتي اداره جاتي اثاثو آهي. اڳوڻن فوجين پاڪ فوج جي قيادت تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ سيڪيورٽي چيلنجز جي مقابلو ڪرڻ لاءِ هٿياربند فوج لاءِ پنهنجي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هنن قومي اتحاد، امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم به ڪيو. آجياڻي ۾ ريٽائرڊ آفيسرن ۽ جوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.